پٽ نه ڄمڻ تي زال ۽ ڌيءَ جو قتل ڪندڙ جوابدار کي ٻه ڀيرا موت جي سزا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي سيشن عدالت گهرواري ۽ ننڍڙي ڌيءَ جي قاتل کي ٻه ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار مجاهد علي جنوري 2021 ۾ پٽ نه ڄمڻ تي گهرواري ۽ ننڍڙي ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

پوليس موجب عدالت جوابدار کي 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي آهي.

واضح رهي ته حنا اشفاق نالي عورت جي 4 سال اڳ مجاهد سان شادي ٿي هئي ۽ پٽ نه ڄمڻ سبب مڙس پنهنجي گهرواري ۽ ڏيڍ سال جي ڌيءَ کي قتل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.