ڪنڊياري لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ واٽهڙو فوت

ڪنڊياري (ن ع آ) ڪنڊياري لڳ ڳوٺ دريا خان چانڊيو جو رھواسي نوجوان پجٽيھ سالا نوجوان قاسم چانڊيو ولد محمد عمر چانڊيو بس اسٽاپ دريا  خان چانڊيو وايا سانگھڙ ميرپورخاص روڊ ڪراس ڪري رھيو ھو ته ميرپورخاص کان ايندڙ تيز رفتار ڪاري ڪلر جي ڪرولا ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن بعد کيس واٽھڙن ۽ ڳوٺاڻن رورل ھيلٿ سينٽر ڪنڊياري پھچايو جتي ڊاڪٽرن زخمي نوجوان قاسم ولد محمد عمر چانڊيو جي فوتگي جي تصديق ڪئي ٻئي طرف عبداواحد چانڊيو سميت وارثن پاران حادثي سبب فوت ٿيل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي واقعو قدرتي حادثو آهي جڏهن ته ڪنڊياري پوليس ڪار سميت ڊائيور منور حسن آرائين جيڪو نوابشاھ  جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.