بدين ۾پاڻي کوٽ سنگين، آبادگارن جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو

بدين (رپورٽ : رازقڏنو کوسو ) ڪڍڻ سب ڊويزن ۽ قاضيه واھ سب ڊويزن جي سوين آبادگارن حاجي شير جمالي . غفار لاشاري رياض بوھڙ عبدالطيف بروھي مير حسن پنھور احسان جمالي . بشير احمد نوتڪاڻي  جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي ايوان صحافت اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ريلي ڪڍڻ شھر کان نڪريندي ايوان صحافت اڳيان وڏي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي آبادگار عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو ته ھٿ وٺي پاڻي بند  ڪيو پيو وڃي سيڊا جو ڊائريڪٽر قبول محمد کٽياڻ  ھٿ وٺي بدين ضلعي کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿو اسان جو اڄ ھي پر امن ريلي آھي اسان کي ھاڻي ڪابه وارابندي قبول نه آھي اسان جي ڪڍڻ سب ڊويزن ۽ قاضيه واھ سب ڊويزن جي پاڻي سان چراند ڪئي وئي ته پوء  اسان جو ھي پر امن احتجاج اڃا وڌيڪ خطرناڪ  بنجي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.