مانجهند ويجهو وين ڪلٽي، 15 ڄڻا زخمي

مانجهند (رپورٽ : بابو عمراڻي ) مانجهند ڀرسان انڊس هاء وي تي قلندر جي زائرين سان حادثو رڪشا کي بچائيندي وين ڪلٽي عورتن ٻارڙن  سميت 15 ڄڻا زخمي تفصيل موجب مانجهند ٿاڻي جي حد  ڳوٺ راڄڙي  انڊس هاء وي تي چنگچي رڪشا کي بچائيندي ڊوم  وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 10 ڀاتي زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مهناز بانو امبر فاطمه مريم سڪينا شھزادي مهڪ گل نويد امجد شاهد جاويد ۽ ٻيا شامل آھن ڪراچي واسي ڊوم وين سوار خاندان  قلندر جي درگاه تي زيارت لاء  ويندڙ ڪراچي کان سيوھڻ طرف وڃي رهيا هئا ت مانجهند کان خاڻوٺ طرف ويندڙ چنگچي رڪشا  اچانڪ سامهون ٿيڻ تي ڊوم وين  کيس بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي هڪ ڪلاڪ تائين  ايمبولنس نه پهچڻ سبب  زخمين کي واٽھڙو گاڏيون ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن  ڏانهن کڻي ويا.  مانجهند پوليس گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.