سجاول ۾غير قانوني طور کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو )سجاول ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري عيدالاضحيٰ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي  ڪوٺائي گڏجاڻي ۾ پوليس، صحت، روينيو، لوڪل گورنمينٽ، انفارميشن ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين لغاري واضح ڪيو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي  تي غير قانوني کلون جمع ڪرڻ لاءِ ڪيمپن جي قيام، عمارتن يا گاڏين تي لائوڊ اسپيڪر ۽ بينر استعمال ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي.  هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته مختيارڪارن ۽ اسسٽنٽ مختيارڪارن کي عيدالاضحيٰ دوران ضلعي جي مجموعي صورتحال جي نگراني ڪرڻ ۽ تعلقه ۽ ٽائون سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو مُنافعه خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪن  غير قانوني مال پڙين کي هٽايو وڃي. هن ٽائون آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته عيدالاضحيٰ وارن ڏينهن دوران جانورن جي قرباني بعد صفائي سٿرائي ۽ جانورن جي باقيات کي ٺڪاڻي لڳائڻ سميت ڦوهاري لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته پاڻي جي نيڪال واري نظام کي بهتر ۽ کُليل مين هولن تي ڍڪڻ لڳائڻ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي پُرسڪون ماحول فراهم ڪري سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.