ڪوٽڙي ۾ايس ڊي اي پاران گهر ڊاهڻ جي ڪوشش، مزاحمت

ڪوٽڙي (ت ر ) ڪوٽڙي ۾ ايس ڊي اي عملدار هڪ دفعو ٻيهر بنا اطلاع جي هٿوڙا کڻي گهر ڊاهڻ لاء پهچي ويا، مزاحمت تي واپس،  بروهي  چوڪ ڀرسان ايس ڊي اي جي عملدارن ڪاروائي ڪري مرتضي’ نوحاڻي ۽ عبدالرشيد جي گهر جون ديوارون ڊاهي ڇڏيون، سالن کان هلندڙ ڪوهستان هوٽل کي به ڊاهڻ جي ڪوشش، مالڪن پاران نوٽيس جي پڇاڻي ۽ مزاحمت تي ايس ڊي اي عملدار ڀڄي ويا، متاثر رهواسين جو چوڻ آهي تہ ايس ڊي اي وارا بليڪ ميل ڪري رشوت وٺن ٿا، رشوت نہ ڏيڻ تان هٿ ٺوڪيون ڪاروايون ڪري  جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي ايس ڊي اي ملازم سهيل ڀٽو عيد ويجهو ايندي ئي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ لڪ ڇپ ۾ اوچتو پرائيويٽ ماڻهون وٺي پهچي وڃي ٿو هنن چيو تہ پلاٽ وٺڻ مهل ۽ گهر ٺاهڻ مهل ايس ڊي اي وارا رشوت وٺڻ ايندا هئا هاڻ پريشان ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن سهيل ڀٽو اهڙين حرڪتن کان باز نہ آيو تہ ڀرپور احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.