چونڊون اسلامي انقلاب کي ويجهو ڪرڻ جو ذريعو آهن:حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چونڊن ۾ اسٽيبلشمنٽ جي سياسي ڪردار کي ختم ڪرڻ سياسي پارٽين کي ڊائلاگ ڪرڻ تي زصر ڀريو آهي.قرآن و سنت جو نظام نه فقط پاڪستان بلڪه پوري انسانيت جي مسئلن  جو  آخري حل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي  قباءَ آڊيٽوريم ۾ رٿيل انتخابي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انتخابي سيل جي نگران ۽ سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو ايڊوڪيٽ اجلاس ۾ جائزه رپورٽ پيش ڪئي.محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته چونڊون ملڪ ۾ تبديلي ۽ اسلامي انقلاب جي منزل کي ويجهو ڪرڻ جو ذريعو هونديون آهن، ،افغان جهاد دنيا جي سڀني حريت پسند قومن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ايمان جي طاقت ذريعي ڪنهن به سُپر پاور کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، الله تعالى اڄ گهٽ قوت ۽ ننڍن هٿيان سان جهاد ڪندڙ افغان مجاهدين کي دنيا جي سُپرپاور ۽ نيٽو جي جديد ترين هٿيارن سان ليس فوج کي شڪست ڏئي افغانستان مان ڀڄڻ تي مجبور ۽ فتح نصيب ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.