ڪينجهر ڍنڍ ۾ آپريشن، سنها ڄار ضبط

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو) ڪينجهر ڍنڍ ۾ فشريز جي اسپيشل ٽيم طرفان سرچ آپريش شروع، ڍنڍ اندر ڇاپا هڻي وڏي تعداد ۾ نقصان  ڪندڙ ڄار پڪڙي ضبط ڪري ڇڏيا.  ڪينجهر ڍنڍ اندر سنهي ڄار ۽ بولي گجي رڇ ذريعي مڇي جي نسل ڪشي خلاف سوشل ميڊيا ذريعي عوامي شڪايت تي ڊائريڪٽر جنرل فشريز سنڌ ڊاڪٽر مير الهداد ٽالپر جي هدايت تي فشريز جي اسپيشل ٽيم جي سربراھ اقتدارحسين بروهي، عاصم بلوچ ۽ ٻين ڪينجهر ۾ سرچ آپريشن ڪري وڏي انگ ۾سنها ڄار ڪڍي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. ۔ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز اقتدار بروهي ميڊيا کي ٻڌايو چيو ته هاڻي روزانو ڪينجهر اندر چيڪنگ ڪئي ويندي جنهن ماري کي سنهو ڄار بولو گجو گهائو استعمال ڪندي پڪڙيو ويو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.