سيري لڳ بيروزگار نوجوان ڦاهو کائي ڇڏيو

سيري (ن ع ) سيري ٿاڻي جي حد گاجا موري وٽ 22 سالن جي نوجوان تلسي داس ولد ڀورو ڪولھي جو ڳوٺ ٻاھران پراسرار نموني  وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو. ڳوٺ وارن وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي نوجوان جي وارثن ۽  پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي ڦاھي تي ٽنگيل نوجوان جا  وارث ۽  سيري پوليس واقعي واري ھنڌ  پھچي وڻ ۾  ٽنگيل لاش لھرائي وارثن حوالي ڪيو.انهيَ موقعي تي نوجوان جي پيء ڀورو ڪولھي جو چوڻ ھو ته  اسان غريب مسڪين آھيون ۽ اسان جي ڪنھن سان به  دشمني نه  آھي منھنجو پٽ بيروزگاري  سبب پريشان ھيو جنهن جي ڪري  سندس ذھني توازن  پڻ درست نه ھيو .ھن چيو ته فجر مھل گھروارن کان جلدي چانھ گھري پر تڪڙي چانھ نه  ملڻ جي ڪري ڪاوڙ ۾ اچي گھر کان  ٻاھر نڪتو جنھن کان پوء اسان کي خبر ملي  ته اسان جي پٽ خدڪشي ڪئي  آھي ۽ سندس لاش وڻ ۾ ٽنگيل آھي .ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آھي ته اسان فوتي جي والد ڀورو ڪولھي کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء چيو پر ھو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي لاش گھر کڻائي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.