لاڙڪاڻي ۾ قمبر ۽ وارهه جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف سهيل سيال جي گهر آڏو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ قمبر ۽ وارهه تعلقي جي آبادگارن ۽ هارين وارهه بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف لاڙڪاڻي پهچي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي پوليس شاپنگ سينٽر وٽ قائم  رهائشگاهه آڏو ٻن ڪلاڪن تائين مسلسل نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن دُهل ۽ شرنائون وڄائي “پاڻي ناهي ڪربلا ڇو ڀلا ڇو ڀلا”، “پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو” سميت ٻيا مختلف نعرا هنيا،  ان موقعي تي ڳوٺ ڪارڙا، جهور لاشاري، ڀرمي، حسين علي خان کهاوڙ، علي خان بروهي، قربان کهاوڙ ۽ ٻين ڳوٺن سان واسطو رکندڙ آبادگارن توڙي هارين محسن ڪاظمي، غلام مرتضيٰ لاشاري، سرادر احسن ڪاظمي، مير مشتاق بروهي ۽ ٻين دانهيو گذريل ٻن مهينن کان وارهه بئراج ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي جيڪو بئراج ٽن ضلعن جي زمينن کي سيرآب ڪندو آهي هن وقت 6 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين پاڻي نه ملڻ جي ڪري ڪورڏاتو، نصير شاخ، حاڪم شاهه، محبت شاخ، ٽوڙهي، حاصلا شاخ، پنهوارو شاخ ۽ ٻين شاخن توڙي واهن مان سيرآب ٿيندڙ زرعي زمينون غيرآباد ۽ بنجر بڻيل آهي،  هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان قمبر مان احتجاجي ريلي ڪڍي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي رهائشگاهه آڏو ڌرڻي لاءِ لاڙڪاڻي آياسين ته قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر قمبر اسان کي روڪي ٽن ڏينهن جي مهلت گهري خاطري ڪرائي ته وارهه بئراج ۾ ٽن ڏينهن تائين پاڻي پهچي ويندو پر هفتو گذرڻ جي باوجود اسان کي پاڻي ناهي مليو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.