رين ايمرجنسي سيل قائم، لاڳاپيل عملي جون موڪلون رد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  برسات جي هنگامي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ضلعي انتظاميا، پوليس، مڪاني ادارن ۽ ٻين ضروري عملي جون سڀئي موڪلون رد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ضروري رابطي لاءِ پنهنجي آفيس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪري. هن اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ چوماسي جي مند ۾ برساتن بابت جي تياري لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه، فراز ڏيرو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو علم الدين بلو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، ايم ڊي سنڌ سالڊ وسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي زبير چنا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه اجلاس کي آگاهي ڏني ته موسميات کاتو، پاڪستان (PMD) چوماسي مند 2021 (جولاءِ کان سيپٽمبر) لاءِ اڳڀرائي ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت جولاءِ-سيپٽمبر 2021 ۾ برسات معمول مطابق ٿيندي. هن چيو ته جولاءِ کان سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان معمول موجب برسات 140.8 ملي ميٽر آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي جابلو علائقن ۾ طوفاني برسات جي اثرن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. موسمي تبديلين وگهي وڌيڪ هائيڊرولوجيڪل ڪيسن سبب ندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي،موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جا بادل اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ برسات / هوا / طوفان سان گڏ ڪجهه هنڌن تي هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي جيڪا 16 جولاءِ 2021 تائين هيٺين سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ وچولي ۽ مٿين سنڌ ۾ پڻ امڪان ڪئي پئي وڃي.لڳاتار ۽ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب لاڳاپيل عرصي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ نوابشاهه ضلعن جي هيٺين علائقن ۾ واٽر لاگنگ پيدا ٿي سگهي ٿي. هنگامي صورتحال ۾ ڊي ڊي ايم ايز جي مدد لاءِ هٿياربند فوج کي مناسب سامان پڻ ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.