پاڪ چين اقتصادي لنگهه رٿا تان ڌيان نه هٽندو: بابر اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جهڙي  منصوبي تان نه ته اسان جو ڌيان هٽيو آهي ۽ نه ئي هٽندو، ڪنهن کي ان بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي ڊاڪٽر بابر اعواڻ اربع جي صبح جو چيني ورڪرز کي کڻي ويندڙ بس کي پيش ايندڙ حادثي جي حوالي سان چيو ته اهو افسوسناڪ آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جهڙي منصوبي تان نه ته اسان جو ڌيان هٽيو آهي ۽ نه ئي هٽندو، ڪنهن کي ان بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هو گهرو وزير سان ڳالهه ڪندو ته هو ان بابت ايوان کي اعتماد ۾ وٺي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته جڏهن وزيراعظم کان انٽرويو ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستان پنهنجا اڏا ڏيندو ته وزيراعظم چيو ته اسان امن ۾ ته حصيدار ٿي سگهون ٿا پر بحرانن ۾ قطعي طور تي حصيدار نه ٿا ٿي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.