ديا مرزا پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا پٽ کي جنم ڏنو آهي.

ديا مرزا پنهنجي گهر ننڍي مهمان جي اچڻ جي خوشخبري مداحن کي ٽوئيٽر تي ڏني ۽ گڏوگڏ هن هڪ خوبصورت تصوير به شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ جو هٿ پڪڙي ويٺي آهي.

واضح رهي ته ديا مرزا کي ٻئي مڙس ويڀاو ريکي مان اها اولاد ٿي آهي، ان کان اڳ هن پهرين شادي 2014 ۾ هڪ بزنس مين ۽ فلم پروڊيوسر ساحل سنگها سان هئي هئي پر 2019 ۾ ٻنهي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.