ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح ڪيتري رڪارڊ ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 13.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5129 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 669 جو نتيجو هاڪاري آيو ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 13.04 رڪارڊ ٿي.

ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.65، جڏهن ته صوبي ۾ اها شرح مجموعي طور 5.91 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڪورونا سبب سنڌ ۾ 8 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.