ڪوٽ غلام محمد شھر ۾نئين سر نيڪال جو نظام جوڙيو ويندو، ايم اين اي منور ٽالپر

ڪوٽ غلام محمد شھر ۾ برساتن دوران ڊرينيج جو بھتر نظام نه ھئڻ جي شڪايتن تي پ پ پ ايم اين اي مير منور خان ٽالپر .پ پ پ ايم پي اي الحاج رئيس نور احمد خان ڀرڳڙي .اڳوڻي ضلعي چئيرمين مير انور ٽالپر ڪوٽ غلام محمد شھر جو دورو ڪرڻ پهچي ويا، جڏھن ته برساتي پاڻي جي نيڪال واري نظام جو معائنو ڪندي پ پ پ ايم اين اي  مير منور ٽالپر ٻڌايو ته پبلڪ ھٿ کاتي ميرپورخاص جي عملدارن کي ضلعي ۾ 28 ڪروڙ رپيا مليا ھئا پر خرچ الائي ڪٿي ڪيا ويا آھن .ھن چيو ته ڪوٽ غلام محمد شھر ۾ ڊرينيج سسٽم تي خرچ ڏسڻ ۾ نٿو اچي،  .ھن چيو ته پبلڪ ھيلٿ وارن کي مليل 2020 ۽ 2021 دوران 28 ڪروڙ رپين جو حساب ڏيڻو پوندو جنھن بابت آئون پبلڪ ھيلٿ کاتي جي وزير ۽ پ پ پ قيادت کي چئي جانچ ڪرائيندس،  ھن چيو ته ڪوٽ غلام محمد شھر ۾ ڊرينيج سسٽم کي نئين سر  ٺاهيو ويندو .جڏھن ته پ پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر پاران پ پ پ تعلقه صدر حاجي محمد رفيق ڀرڳڙي سان سندس رھائشگاھ تي سندس ڀاء جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي وئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.