عمرڪوٽ ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب لائن مين فوت

عمرڪوٽ  (ڊ ر )عمرڪوٽ گذريل رات دير سان برسات کان پوءِ عمرڪوٽ شھر جي کوسا پاڙي ۾ خراب ٿيل بجلي جو ٽرانسفارمر ٺاھڻ لاءِ  مبينا طور بنا حفاظتي بندوبست ٿنڀي تي ڪم ڪندڙ حيسڪو لائين مين کيجراڙي واسي 40 سالن جو محمد اشرف ڪنڀر ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿنڀي تان ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي عمرڪوٽ پوليس ۽ حيسڪو عملدار واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ڊسٽرڪٽ اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش فوتي جي ڳوٺ کيجراڙي پھچڻ تي ڳوٺ ۾ ماتم وارو ماحول پيدا ٿي ويو. ٻئي پاسي اطلاعن موجب حيسڪو جي سي اي او پاران واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حُڪم ڏنو ويو آھي. جڏھن تـ مقرر جاچ ٽيم عمرڪوٽ پھچي واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪرڻ کان علاوه مختلف ڌرين کان بيان پڻ ورتا. ذريعن موجب حيسڪو انتظاميا پاران واقعي ۾ لاپرواھي جي الزام ھيٺ حيسڪو عمرڪوٽ جي ايس ڊي او جي عارضي چارج رکندڙ منيش ڪمار ميگھواڙ، ايس ڊي او ڪنري ذوالفقار آرائين ۽ لائين مين  ياسر سميت ٽن ڄڻن کي معطل ڪيو ويو آھي  جڏھن تـ فوتي لائين مين محمد اشرف ڪنڀر جي پٽ وقاص ڪنڀر رابطي تي ٻُڌايو تـ واقعي بعد سندس والد جو موبائل فون گم آھي جنهن ڪري اسان کي واقعي بابت شڪ پيدا ٿي رھيا آھن. واضع رھي تـ ٻـ سال اڳ بـ ٿنڀي تي بجلي ٺاھڻ دوران اشرف ڪنڀر ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿنڀي تان ڪري شديد زخمي ٿي پيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.