غلط رپورٽ ڏيڻ تي خيرپور جا 8 تپيدار معطل

خيرپور (رپورٽ: مختيارڦلپوٽو) سارين جي فصل بابت من گهڙت رپورٽ ڏيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو گمبٽ جي تپيدار واصف  علي کميٽيو، ڄامڙا جي تپيدار محمد عارف آرائين، جادو واهڻ ۽ سيال پٺاڻ جي تپيدار اختر حسين کوکر، درازا ۽ ستابو جي تپيدار ملازم حسين ميراڻي، ٻيلهاڙو ۽ کهڙا جي تپيدار محمد الياس گهمرو، ڪمالديرو ۽ ٽوري جي تپيدار امام بخش ڀٽي، خيرپور ديرو ۽ ديهه وڏ پڳيه جي تپيدار عزيز احمد ملاح سميت رپڙي جي تپيدار امان ﷲ اعواڻ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل تپيدارن خريف سال 2021/22 تحت من گهڙت رپورٽ ڏئي هئي ته سندن علائقن ۾ سارين جو فصل ناهي پوکيو ويو جڏهن ته پابندي باوجود سندن علائقن ۾ سارين جو فصل پوکيو ويو آهي جنهنڪري ڊپٽي ڪمشنر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين معطل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.