سکر ۾ هلڪي برسات، سيپڪو جي پت وائکي، 126 فيڊر بند

سکر(رپورٽر) سکر ۾ ھلڪي برسات سيپڪو جي پت وائکي، بجلي جا 126 فيڊر بند ٿي ويا، ترجمان ۽ لاڳاپيل عملدارن پاران ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار، خبرموجب: سکر، شڪارپور، گھوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز سميت اتر سنڌ ۾  برسات کانپوءِ اتر سنڌ ۾ بجلي فراھم ڪندڙ سيپڪو جي پت وائکي ٿي وئي آھي. جڏھن ته سکر سميت اتر سنڌ ۾ ھلڪي برسات کانپوءِ بجلي جي اکٻوٽ جو سلسلو وڌي ويو آھي. اتر سنڌ ۾ بجلي فراھم ڪندڙ بجلي جا 126 فيڊر بند ٿي ويا. جڏھن ته سکر شھر ۾ پيل ھلڪي برسات کانپوءِ شھر کي بجلي فراھم ڪندڙ 32 فيڊر بند ٿي ويا. جنھن سبب سکر واسين کي پريشانين مان گذرڻو پئجي ويو. سکر سميت اتر سنڌ ۾ بجلي جي بند ٿيڻ جي حوالي سان سيپڪو جي ترجمان امير بلوچ سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته برسات ٿي آھي ڪجهه علائقن ۾ بجلي بند ٿي ھوندي ۽ اھو معمول آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.