سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي، صفائي نظام ناڪارا، احتجاج

سکر(رپورٽر )  سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب سکر شهر ۾ صفائي جو نظام ناڪارا بڻجي چڪو آهي. شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب رهائشي توڙي ڪاروباري علائقا گندگي جي ور  چڙهيل آهن، هوڏانهن شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف نئون پنڊ بروهي محلا جي رهواسين پاران صفائي نه ٿيڻ خلاف چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ عاشق حسين، علي بخش ۽ ٻين ٻڌايو ته شهر ۾ صفائي جي مد ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سکر شهر ۾ صفائي جي صورتحال انتهائي خراب بڻيل آهي، ميونسپل کاتي ۾ ڀرتي ٿيل ملازم سکر جي سياستدانن ۽ ڪامورن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن توڙي ميونسپل عملدارن کي شڪايت ڪرڻ باوجود صفائي جي صورتحال کي بهتر نه پيو بڻايو وڃي، پراڻو سکر، قريشي روڊ، قريشي ڳوٺ، مائيڪرو ڪالوني، ڀوسا لائين، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، سميت پوري شهر ۾ جڳهه جڳهه تي گندگي جا ڍير لڳل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.