نسيم کرل جو قلمي ۽ سماجي ڪردار

تحرير: ايڊووڪيٽ طارق يُوسف صُوفي

سنڌ جي نامياري ۽ صاحبِ طرز ڪهاڻيڪار، نسيم کرلَ، اڳوڻِي خيرپور رياست ۽ هاڻوڪَي خيرپور ضلعي جي ڪچَي جي علائقي سان ڪلهو گسائي گذرندڙ سنڌوءَ جي لهرن جي سرگم کي هر وقت ڪنائيندڙ ڳوٺ ”کرل آباد“ ۾ عبدالڪريم کرل جي گھر ۾، 19 جون 1939 ع تي، پهريٺي ٻار طور اک کولِي. هُو پنھنجن ستن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن ۾ سڀني کان وڏو ھو. سندس والد ھڪ زميندار ھو. نسيم ابتدائي تعليم خيرپور مان حاصل ڪئي. بي. اي. جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ نسيم ڪراچيءَ جي قانون جي تعليم جي مشھور اداري، ايس. ايم. لاءِ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جو شعبو پنهنجايو.

نسيم کي سنڌي ادب جي دنيا ۾ هڪ اهم ڪهاڻيڪار طور ڪير نه سڃاڻي! ”پھرين مراد“ کان ”ڪافر“ تائين، ”آٿت“ کان ”چوٽيھون در“ تائين، ”ڊميءَ“ کان ”مُجاور“ ۽ ”مساوات“ تائين سندس بيشتر ڪهاڻيون، سنڌي افسانوي ادب ۾ هڪ ’شاهڪار‘ جو درجو رکن ٿيون. نسيم جو پھريون ڪتاب ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ 1968ع ۾ شايع ٿيو هو، جنھن کي خاشي پزيرائي ملي هئي.

ليکڪ جو هرليک سندس ئي شخصيت جو عڪاس هوندو آهي. اچو ته نسيم جي ڪهاڻين ۾ سندس ذات جي ڳڻن کي ڳوليُون ۽ سندس سماجي ڪردار جو مختصر جائزو وٺون.

نسيم کرلَ، جتي پنهنجي ڪهاڻيءَ ”ڪافر“ ۾ هن، سماج اندر رائج فرسوده رسمن تحت مذھبي ڪٽرپڻي جي نالي ۾ ٿيندڙ غلط رسمن کي ننديو آهي، اتي ”چوٽيھون در“ ۾ هُن، قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن (خاص طور پوليس) جي بي حسيءَ ۽ پنهنجي فرض کان ڪن لاٽار واري منفي ڪردار کي وائکو ڪيو آهي، جنھن ڪردار سبب سماج اندر نا انصافيون ۽ ڏوهه جنم وٺن ٿا. سندس افساني ”مُجاور“ ۾ سماج اندر ”اشرافيه“ جي ٻٽي معيار واري ڪردار جي پَت وائکي ڪئي وئي آهي، جيڪي هيٺين طبقي جي منفي سرگرمين کي ته خراب چئي روڪين يا روڪرائين ٿا، پر ساڳئي نوعيت جي منفي ڪم کي زيب زينت سان پاڻ ڪرڻ کي جائز سمجهن ٿا ۽ ان مان تسڪين پڻ ماڻن ٿا. هيءَ ڪهاڻي (مُجاور) هڪ مئه خاني جي چوڌاري ڦري ٿي، جتي شغل خاطر وقت گذاريءَ لاءِ مختلف قسم جا ماڻھو اچن وڃن ٿا. ان نواح جو ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر، ڪجھه پاڙي جي معزز ماڻھن سان گڏجي، ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن ان مئه خاني بابت شڪايت کڻي وڃي ٿو ۽ ڊي سيءَ جي حڪم سان اهو مئه خانو ستت ئي بند ٿي وڃي ٿو، پر دلچسپ ڳالھه اها ته ڪجھه ڏيھن بعد ساڳيو مئه خانو ڊهرائي، انکي هڪ پلاٽ ۾ تبديل ڪري، اتي ”جشنِ بھاران“ جي نالي سان، ضلعي ڪائونسل جي ان ئي معزز ميمبر پاران هڪ رنگا رنگ پروگرام منعقد ڪرايو ٿو وڃي، جتي ساڳئي ئي شمشاد بيگم نالي ڳائڻي اچي ڳائي ٿي، جيڪا ان مئه خاني تي به تواتر سان ايندي ويندي هئي، جنھن کي ڏسي مئه خاني جو وڏو مُجاور حيرت مان چوي ٿو ته: ”ساڳئي ئي جاءِ!؟ ساڳئي ئي شمشاد!؟“

نسيم  کرل جي لڳ ڀڳ ھر ڪھاڻي، سماج اندر رائج ھر قسم جي منفي تور طريقي، توڙي براين جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ آهي. هو بذاتِ خود ھڪ وڏيرو هوندي به، پنهنجي تحريرن سان سماج جي پيٽ ڀريل طبقي جي بي حسيءَ ۽ ڪُڌن ڪرتوتن کي پڌرو ڪندي، پاڻ مٿان روايتي وڏيري جو ليبل لڳڻ نٿو ڏئي. سندس ڪهاڻين جي ٻولي، سنڌ جي ٻهراڙيءَ، خاص طور جهنگ ۽ ڪچي جي ترجمان شاهوڪار ٻولي آهي، جيڪا سندس ڪهاڻين کي سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ جو ذريعو پڻ بڻائي ٿي.

نسيم کرل کي باقي سنڌ ته ھڪ مايهء ناز ڪھاڻيڪار ۽ اديب طور سڃاڻي ٿي، پر ھُو هڪ سچو سماجي ڪارڪن به ھو. کيس سندس تَرَ جي عام ماڻهن ۾ سندس قلمي سڃاڻپ کان وڌيڪ سندس سماجي ۽ سياسي ڪردار جي ڪري به سڃاتو ويو. ھن جتي هڪ طرف پنھنجي قلم جي سان سنڌي افساني جي انداز، پيشڪش توڙي ٻوليءَ ۾ جدّت آندي، اتي ئي ٻئي طرف پنهنجي ڳُڻن جي لاٽ ۽ خدمت جي جذبي سان سماج اندر ٿيندڙ ناانصافين خلاف عملي جدوجهد ڪري، سماج سيوڪ طور پنهنجو فرض نباهيو. هُو ان ڏتڙيل طبقي جو آواز بڻيو، جن جي حيثيت ھن نظام ۾ ٻڙيءَ برابر هئي. هن نه رڳو پنهنجي لکڻين جي مدد سان سماج ۾ رائج ظلمن، ڪُوڙين رسمن ۽ ”ٽيبُوز“ سان مهاڏو اٽڪايو، پر عملي طرح به انهن جي مخالفت توڙي مزاحمت ۾ پنهنجو ڀرپُور ڪردار ادا ڪيو. هن جتي قلم رستي عام ماڻهوءَ سان ٿيندڙ معاشرتي، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي ويساهه گهاتين کي اجاگر ڪري، انهن خلاف دانهن بلند ڪري، وقت جي سرمائيدار ۽ جاگيدار طبقي کي للڪاريو، اتي عملي طرح به هُو مسڪين جو همراهي ٿي بيٺو. نسيم پاڻ وڏ گهراڻي جو فرد ھوندي به پنھنجي آسپاس جي ڳوٺن ۽ شھر جي ماڻھن جي خدمت لاءِ ھميشه ھڪ مخلص ۽ بي باڪ خدمتگذار جي رُوپ ۾ هميشه حاضر رهيو. هُو هڪ پڙهيل ڳڙهيل زميندار ھجڻ جي باوجود سنڌ جي روايتي وڏيري جيان مغرور، بناوٽي ۽ انسان دشمن هرگز نه هو. جنهنڪري مٿس ڪڏهن به ”روايتي وڏيري“ واري ڇاپ نه لڳي.

نسيم پنهنجي سئوٽِ ۽ جسٽس (ر) عبدالرحيم کرل جي نياڻيءَ سان لائون لڌيون، جنهن مان کيس چئن ٻارن جو اولاد ٿيو.نسيم کرل، غير طبعي مؤت رستي، فقط 39 ورهين جي ڄمار ۾، 14 جُولاءِ 1978ع تي پنهنجن پڙهندڙن توڙي سنڌي ڪهاڻيءَ کان موڪلايو. اڄ کيس پنهنجي ترَ، راڄَ توڙي سنڌ کان وڇڙئي 43 ورهيه مڪمّل ٿي رهيا آهن، پر سندس قلم توڙي ذات جي اخلاصَ، سندس شخصيت جي واسَ کي ماٺو ٿيڻ ڪونهي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.