ڪراچيءَ ۾ برسات سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي: حليم عادل شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالهه هڪ ڏينهن جي ٿيندڙ برسات سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي آهي، مرتضيٰ وهاب صلاحڪار  آهي جن وٽ ٻه وزارتون، ماحول ۽ قانون جي وزارت به آهي، جيڪو ڪالهه برسات متاثر علائقن جو دورو ڪندي ڏٺو ويو، ناصر حسين شاه به ڪالهه ميدان ۾ آيو هو عوام پڇڻ چاهي ٿو ته سنڌ جو  وڏو وزير ڪٿي گم آهي،؟ ڪهڙي مشن تي ويل آهي،؟ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ بعد وڏو وزير  پنهنجي اصل مالڪ يونس ميمڻ کي حساب ڪتاب ڏيڻ ويو آهي ڪالهه چيئرمين صاحب به آمريڪا ۾ ويٽنگ ايريا ۾ نوڪري لاءِ سي وي کڻي ويٺل نظر آيو پئي، پاڪستان ۾ ايندي ئي وڏي پروٽوڪولن ۾ نظر ايندا آهن. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ چئو ماسي جي مند  شروع ٿي آهي سنڌ حڪومت ڪي به اڳواٽ اپاءُ نه ورتا آهن گذريل سال  به برساتن جي ڪري پوري سنڌ جو  عوام پريشان هو، امداد جي مد ۾ به ڪرپشن ڪئي ويئي هن ڀيرو 1400 ارب جي بجيٽ هئڻ باوجود سنڌ حڪومت ڪراچي جا نالا صاف نه ڪرايا آهن، نالن کي صاف ڪرائڻ لاءِ به سنڌ حڪومت بحريا ٽائون مان سپريم ڪورٽ ذريعي ملندڙ رقم جي انتظار ۾ آهي، حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته گذريل 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جا نالا به صاف نه ڪرائي سگهي آهي، گذريل سال وزير اعظم عمران خان جي حڪم تي ڪراچي جي ٽن نالن کي صاف ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي حوالي ڪيو هو جنهن تي ڪم مڪمل ٿي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي حوالي 41 نالن سميت 500 ڊي ايم سيز جا نالا هئا جيڪي اڃا تائين صاف نه ٿيا آهن، برساتن  جي موسم شروع ٿي چڪي آهي ڪراچي جي عوام کي هڪ ڀيرو  ٻيهر سنڌ حڪومت ٻوڙڻ چاهي ٿي، وفاقي حڪومت نالن جي متاثر ٿيلن کي 15هزار روپيا في گهر جي حساب سان ٻن سالن جو اڳواٽ ڪرايو پڻ ادا ڪري ڇڏيو آهي نالن جي صفائي جي لاءِ 1325 ملين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن،وفاقي سرڪار  اربين روپيا ڪراچي ٽرانسميشن پلان تحت خرچ ڪري چڪي آهي سنڌ حڪومت هڪ نالو به صاف ناهي ڪرايو، حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت هلي رهي آهي قانون نالي ڪابه شيءِ  نظر نٿي اچي قانون وارو صلاحڪار رڳو اين اي سي جاري ڪرڻ تي رشوت وٺي رهيو آهي سنڌ ۾ پراسيڪيوشن نه هجڻ ڪري انصاف جو نظام ختم ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.