عدالت شهباز ۽ حمزه جي گرفتاري روڪي ڇڏي، فيصلو جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان شهباز شريف ۽ هن جي پٽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌراڳواڻ حمزه شهباز جي ايف آءِ اي جي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت جي گذريل ٻڌڻي جو فيصل جاري ڪيو ويو.

 لاهور جي عدالت جي ڊيوٽي جج سيد علي عباس ايف آءِ اي کي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 2 آگسٽ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر موجب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جاچ جوائن ڪري ورتي آهي، جاچ آفيسر جي موجب ٻنهي جوابدارن جي خلاف جاچ اڃا مڪمل ناهي ٿي، عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز لکت وارو جواب ايف آءِ اي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته درخواست گذار جي وڪيل انصاف جي بنياد تي ٻڌل جاچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

لاهور جي عدالت جي فيصلي ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪيس جي جاچ مڪمل ڪيو.

عدالت ڌرين جي وڪيلن کي ضمانت تي دليل ڏيڻ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.