ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم اداري جي ملازمن پاران مطالبن جي حق ۾ريلي

سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان ائنالاٽيڪل ڪيميسٽري جي ملازمن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،  ليو انڪيشمينٽ, ميڊيڪل الائونس, بينيوئل فنڊ, پروموشن, ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ٻيا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف اڳواڻن غلام اڪبر برفت، شبير سيال، شاھد سيال، جاويد قريشي ۽ ٻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي سينٽر جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جائز مسئلن جي حل لاء گذريل 20 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر سينٽر جو ڊائريڪٽر طفيل احمد شيرازي پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي مسئلا حل ڪرڻ بجاء ويتر ملازمن کي حراسان ڪري رهيو آهي,هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.