گهوٽڪي:پهرين کان پنجين تائين مفت درسي ڪتاب ورهائڻ واري تقريب

سنڌ حڪومت طرفان پهرين کان پنجين ڪلاس تائين مفت درسي ڪتاب ورهائڻ واري هڪ تقريب تعلقي ايجوڪيشن آفيسر محمد يوسف ڌانڌو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ پ ٽ الف تعلقي گهوٽڪي جي اڳواڻ اعجاز احمد چاچڙ , دين محمد مهر , سراج احمد ڌانڌو , حاڪم علي شيخ , ۽ ٻين شرڪت ڪئي , ان موقعي تي گهوٽڪي جي مختلف اسڪولن جي هيڊ ماسترن عبدالحئي ڀٽو , محمد ادريس مهر , عبدالغني مهر , سيد ذاهد علي شاھ , عبدالجبار ملهڻ , محمد علي ڪلوڙ , ۽ ٻين کي اسڪولي شاگردن لاء پهرين کان پنجين درجي تائين جا مفت درسي ڪتاب ڏنا ويا , تقريب ۾ ڳالهائيندي محمد يوسف ڌانڌو ۽ ٻين چيو ته  سنڌ حڪومت تعليم کي وڌيڪ بهتر ۽ اجاگر ڪرڻ لاء تعليم مڪمل مفت ڏئي رهي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.