ملڪ ۾ ڪورونا جا 50 سيڪڙو ڪيس ڀارتي قسم جي هجڻ جا انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 50 سيڪڙو ڪيس ڀارتي قسم ڊيلٽاجي هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي رپورٽ ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو ڊيلٽا ويريئنٽ جا آهن، پاڪستان ۾ جيڪي ويڪسينز لڳرايون پيون وڃن اُهي ڊيلٽا ويريئنٽ جي لاءِ موثر آهن.

ڊاڪٽر نوشين جو چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪا به ويڪسين 100 سيڪڙو ڊيلٽا ويريئنٽ جي لاءِ موثر ناهي.، ويڪسين لڳڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪورونا ٿي وڃي ته وڌيڪ متاثر نه ڪندو.

ٻئي پاسي سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا ويريئنٽ جي 35 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.