پاڪستان ۾ روزاني 5 لک ڪورونا ويڪسين هڻڻ جو هدف حاصل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ روزاني پنج لک ماڻهن کي ويڪسين هڻن وارو هدف حاصل ڪيو ويو.

اين سي او سي جي سربراهه وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو 5 لک 25 هزار ويڪسين هنيون ويون.

هن چيو ته پهريون ڀيرو سڀ کان وڌيڪ روزاني ويڪسين جي پهرين خوراڪ هڻندڙن جو ريڪارڊ حاصل ڪيو ويو جنهن ۾ ٽي لک 90 هزار ماڻهن کي ويڪسين جي پهرين خوراڪ هنئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.