عيد تي سرڪاري ملازمن جي موڪلن ۾ واڌ جون تياريون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سرڪاري ملازمن جي موڪلن ۾ واڌ جي سمري تيار ڪري ورتي.

گهرو وزارت طرفان عيد جي موڪلن جي سمري ٻيهر تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موڪلون 3 ڏينهن مان وڌائي 5 ڏينهن ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

سمري ۾ چيو ويو آهي ته عيد جون موڪلون 20 کان 24 جولاءِ تائين ڪيو وڃن، جمعي ۽ ڇنڇر جي موڪل شامل ڪرڻ سان عيد جون 5 موڪلون ٿي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.