خيرپور ۾دوائون چوري ٿيڻ وارو معاملو، جاچ نه ٿي

خيرپور ( ڊر ) سول اسپتال خيرپور ان ڪروڙين روپين جون سرڪاري دوائون چوري ٿيڻ وارو مامرو، دوائون چوري ڪيس ۾ ملوث  سول اسپتال خيرپور جي عملدارن خلاف جاچ سرد خاني حوالي،سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي بااثرن خلاف رپورٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪروڙين روپين جون دوائو چوري ٿيڻ خلاف اختارين خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، شهرين ۾ مايوسي جي لهر ڇانيل آهي.، نوٽيس جو مطالبو، تفصيل موجب سول اسپتال خيرپور مان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪروڙين روپين جون سرڪاري دوائون چور ڪندڙ گروهه کي بي سيڪشن پولس ايس پي اسپيلشل برانج سکر جي هدايتن تي ڇاپو هڻي مل ڪالوني مان 2 جوابدارن حاڪم اوڏ ۽ پرشن لال اوڏ کي گرفتار ڪري هندن قبضي مان سول اسپتال خيرپور جون چوري ٿيل ڪروڙين روپين جون دوائون هٿ ڪري ورتون هيون، گرفتار ٿيل جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته سرڪاري دوائون چوري ڪندڙ گروهه ۾ سول اسپتال خيرپور جا عملدار عثمان موريجو، عزيز سولنگي، عبدالحڪيم سولنگي ،محبوب ڏهوٽ سميت ڪيترائي ئي جوابدار ملوث آهن، جوابدارن جي انڪشاف جو وڊيو بيان پڻ سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهي، جنهن جي باوجود سول اسپتال خيرپور جو ايم ايس ڊاڪٽر نواب الدين مهيسر سرڪاري دوائن جي چوريءَ ۾ ملوث بااثر عملدارن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪري نه سگهيو آهي، هن سلسلي ۾ ميڊيا جکي مليل ڄاڻ موجب ايم ايس پاران سرڪاري دوائون چوري ڪرڻ واري واقعي جي انڪوائري ٽيم جوڙي وئي هئي پر دوائون چوري ڪرائيندڙ بااثرن خلاف جاچ ڪاميٽي فيصلو ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڪامٽي تان هٿ کڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته خيرپور ضلعي ۾ سرڪاري دوائون چوري ڪرائيندڙ گروهه ڪجافي عرصي کان سرگرم آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پي پي ايڇ آءِ ، سول اسپتال خيرپور، ڪوثر اسپتال خيرپور، هيپاٽائيٽس پروگرام خيرپور مان ڌار ڌار دوائون چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي، جن جي مجموعي ماليت اربين روپيه ٻڌائي پئي وڃي، پر افسوس آهي ته اربين روپين جون چوري ٿيندڙ سرڪاري دوائن جي واقعي خلاف صحت کاتو خيرپور، سول اسپتال انتظاميان ،ضلعي انتظاميان خيرپور سميت چونڊيل نمائندا پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهن، هن سلسلي ۾ خيرپور جي شهرين ايڊوڪيٽ عمراه خان پٺاڻ، ايڊوڪيٽ عبدالحميد خاصخيلي ،نواب سيال، يوسف نواز، روشن علي شيخ ۽ ٻين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته افسوس آهي جو سرڪاري دوائون چوري ٿيڻ خلاف سول اسپتال خيرپور جي انتظاميان سميت لاڳاپيل ادار خاموش آهن، هنن چيف جشتش آف سنڌ هاءِ ڪورٽ ، ڊي جي رينجرز سنڌ، چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، جي او سي پنو عاقل ، ڊي سي خيرپور، ايس ايس پي خيرپور ،ڊي ايڇ او خيرپور سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي سرڪاري دوائون چوري ڪرائيندڙ گروهه کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

نارو ويجهو ڪار ۽ ٽريڪٽر ۾ٽڪر، ڊرائيور زخمي

نارو ( ن ع آ) سوراهه ٿاڻي جي حد چونڊڪو شهر ۾ سرڪاري اسپتال ويجهو  سانگهڙ وايا چونڊڪو روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽  ٽريڪٽر ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ٽريڪٽر ٻه حصن ۾ اڌو اڌ ٿي ويو آهي ۽ ڪار جو انجڻ وارو حصو چٽ ٿي ويو جڏهن ته ڪار ڊرائيور رٽائرڊ پرائمري ماستر شاهنواز شر  معمولي زخمي ٿي پيو آهي شهرين جي اطلاع تي پوليس  جاء واردات تي پهچي حادثي جو شڪار ڪار ۽ ٽريڪٽر جو معائنو ڪيو جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور نورمحمد بگٽي ٿاڻي تي پهچي ڪارڊرائيور شاهنواز شر خلاف اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته مان پنهنجي ٽريڪٽر تي پنهنجي سائيڊ تي اچي رهيو هيس ته سامهون ايندڙ ڪوري ڪار جي ڊرائيور منهنجي ٽريڪٽر کي سامهون ٽڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آءُ پنهنجي سائيڊ تي ٽريڪٽر کي روڊ کان ئي هيٺ لاٿو ته منهنجي ٽريڪٽر جي انجڻ ۾ لڳي ٽريڪٽر ٻن حصن ۾ اڌواڌ ٿي ويو منهنجو وڏو نقصان ٿيو آهي.  ڪار ڊرائيور ڪار مان لٿو ته هو شراب جي نشي ۾ ڌت هيو هوڏانهن پوليس جي پهچڻ کان اڳ ڪار ڊرائيور موقعي تان کسڪي ويو آهي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نورمحمد بگٽي فرياد تي شاهنواز شر خلاف اين سي داخل ڪئي آهي اسان جي پهچڻ اڳ هو کسڪي ويو فريادي ٻڌايو ته هو شراب جي نشي ۾ ڌت هو.

نوابشاهه ۾فوڊ گرين گودام ورڪرز يونين جو احتجاج

نوابشاھه(ڊ ر) فوڊ گرين گودام وڪرز يونين شھيد بينظير آباد جي چوڪيدارن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ گودامن ٻاھران حاجي خان اوٺو ، علي اڪبر مگسي، محمد ابراھيم، محمد ڄام ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو انھي موقعي تي اڳواڻن چيو تہ خوراڪ کاتي جي ننڍن ملازمن خاص طور تي چوڪيدارن کي بنيادي سھولتن کان محروم رکيو ويو آھي ھنن چيو تہ اسان غريب ملازمن ڪيئي ڀيرا احتجاجي مظاھرن ۾ مطالبا ڪيا آھن تہ چوڪيدارن کي ٽائيم اسڪيل، وردي الائونس، واشنگ الائونس ڏيڻ سان گڏو گڏ پڙھيل لکيل چوڪيدارن کي پروموشن ڏنا وڃن سالن کان رھيل وردين جا پيسا ڏنا وڃن پر افسوس اسان ننڍڙن ملازمن جي مطالبن کي حقير سمجھي ڪامورا شاھي توڙي وزير مشير نظر انداز ڪندا رھيا آھن. ھنن چيو تہ اسان غريب ملازمن جا بہ ٻچا آھن گھر آھن ۽ ننڍيون ضرورتون آھن ھن ھوش بتال ڪندڙ مھانگائي ۾ جيڪڏھن اسان غريب چوڪيدارن کي بنيادي حق ڏنا ويندا تہ اسان بہ پنھنجي ٻچن جي بھتر تعليم ۽ تربيت ڪري سگھنداسين ھنن چيو تہ اسين خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري کانسواءِ خاص طور تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ٿا ڪيون تہ اسان نظر انداز ڪيل مسڪين ۽ بي پھچ ملازمن جي داد رسي ڪئي وڃي ھنن چتاء ڏنو تہ جيڪڏھن سندن مذڪورھ مطالبا 15 ڏينھن اندر حل نہ ڪيا ويا تہ اسان سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.

خيرپور ۾ڳوٺاڻن جو روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاج

خيرپور ( ڊر ) ديهه رائنه ،ديهه ڦاٽ جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ،عثمان ڀيو ڳوٺ، منڱڻهار ڳوٺ،  ڪوري ڳوٺ، عمراڻي ڳوٺ ،واري ڳوٺ سميت 10 ڳوٺن جي رهواسين شهمير ڦلپوٽو، گل زمان ڦلپوٽو، سيد عمران علي شاهه ، ابرار علي منگي ، خالد حسين، پپو خان، بشير احمد ڦلپوٽو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سوين سال قديمي قبرستان پير ڪورو جي رستي کي روڊ جي سهولت نه هجڻ ڪري مٽي ۽ ڌوڙ مان فوتين جا مڙهه کڻي وڃڻ تي مجبور آهيون، هنن ٻڌايو ته برسات جي وقت ۾ گپ ۽ گچڻ مان ڪانڌين جو سفر ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ مسئلو آهي، هنن چيو ته 2 ڪلو ميٽر جو معمولي فاصلو هجڻ باوجود ضلعي انتظاميان جي بي ڌياني سبب قبرستان کي روڊ جي سهولت ناهي ملي سگهي، هنن اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ،ايم اين اي سيده نفيسه شاهه، ضلعي انتظاميان خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واري ڳوٺ ڀرسان ڪيترن ئي ڳوٺن جي وڏي ۽ قديمي قبرستان پير ڪوري کي سٺيو پل واري ڳوٺ کان 2 ڪلو ميٽر جو روڊ ڏنو وڃي. ، ٻي صورت مجبور ٿي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.