لاڙڪاڻي لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سونو خان جتوئي وٽ لاڙڪاڻو ،خيرپور روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڪنڍيارو واسي منير جوڳي، سڪينه خاتون، زاهده خاتون، ٻن ورهين جو عمران جوڳي، ڪار سوار لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلا واسي برڪت علي ميمڻ، سندس گهر واري ۽ سندن ٻن سالن جو پٽ زين العابدين ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي سمورن زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جن مان زخمي ٻن سالن جي ٻارڙي زين العابدين ميمڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان حوالي سان حادثي جي زخمين جي وارثن ٻڌايو ته جوڳي برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهو موٽرسائيڪل تي ڪنڍيارو مان راڌڻ شهر ڏانهن جڏهن ته ميمڻ برادري جا ماڻهو ڪار تي لاڙڪاڻي کان خيرپور ضلعي وڃي رهيا هئا ته لاڙڪاڻو – خيرپور روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.