سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ جي نوجوانن لاء ريلوي، واپڊا، سول ايوي ايشن، سئي گئس، او جي ڊي سي ايل سميت وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جا بند پيل دروازا کوليا وڃن۔ سنڌ ۾ وفاقي ادارن ۾ ٻين صوبن جي ماڻھن کي رکڻ ناانصافي ۽ حقن تي ڌاڙي برابر آھي۔ سنڌ ۾ تمام گھڻي بيروزگاري آھي، نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ سنڌ حڪومت جي ادارن ۾ رشوت کانسواء نوڪري نٿي ملي۔ ڪميشن جي امتحانن ۾ بہ نوڪريون وڪامن ٿيون۔ ھن اھڙو اظھار ڪراچي ۽ بدين مان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاء آيل وفدن سان ڳالھائيندي ڪيو۔ ان موقعي تي شاھجھان خاصخيلي  ايس ايس ٽي ۽ عوامي تحريڪ تان استعفي ڏئي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۔ جڏھن تي قاسم آباد جو سياسي سماجي اڳواڻ سڪندر خاصخيلي، ڄام نواز علي جي احمد علي مھر پنھنجن ساٿين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔ جڏھن تہ ڪراچي ۽ بدين ضلعن قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن منور برھماڻي، حسين سنڌي، فياض پليجو، پيربخش ڄامڙو، اياز گل ڄامڙو ابراھيم بليدي، شعبان بليدي، ڊاڪٽر اياز احمد سرڪي، شان محمد ڪنراڻي ، ابراھيم، ماجد چانڊيو، سريش ڪمار ميگھواڙ ۽ ٻيا شامل ھئا ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي ادارن ۾ بہ سنڌ لاء نوڪرين جا دروازا بند ھوندا تہ پوء نوجوان آخر ڪيڏانھن ويندا۔ بيروزگاري جي ڪري ڏوھن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي۔ وفاقي حڪومت کي سنڌ ۾ نوان صنعتي زون ٺاھڻ گھرجن ھا۔ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪرڻ گھرجن ھا پر صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کي نظرانداز ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.