پير پاڳاري جي امڙ جو ٽيجهو، پير ڳوٺ ۾دعا

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراھ پيرسيد صبغت الله شاھ پيرپاڳاري اڳوڻي وفاقي وزير سيد صدرالدين شاھ راشدي، سيد علي گوھر شاھ راشدي جي امڙ جو ٽيجھي واري دعا پيرجوڳوٺ جي درگاھ شريف روضي ڌڻي جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي، مدرسه جامع راشديه دارالعلوم جي استادن، طالبن، عالمن پاران مرحومه جي ايثال ثواب خاطر قرآن خواني ڪئي وئي بعد ۾ دعا گهري وئي، دعا واري تقريب ۾ پيرپاڳاري، صدرالدين شاھ راشدي، مخدوم عبدالقادر گيلاني، ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني، پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود، سليم جان مزاري، ميان مٺو، سيد اسماعيل شاھ راشدي، سيد محمد راشد شاھ راشدي، پيرزاده ياسر شاھ، حرجماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو، اڳوڻي آر پي او محمد بچل سانڱري کان سواءِ حرجماعت جي خليفن معزز شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.