شاگرد جي اغوا خلاف وارثن جو لاڙڪاڻو، خيرپور پل تي احتجاج، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شادڻ جتوئي جي رهواسين 25 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل انٽر جي شاگرد محمد بخش جتوئي جي بازيابي لاءِ لاڙڪاڻو ، خيرپور پل روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ضلعن  ڏانهن ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿي وئي، جتي ڳوٺاڻن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻي الله وڌايو جتوئي پنهنجي پٽ شاهنواز، ڀاڻجي دلبر جتوئي، آڪاش علي، وڏيري شاهنواز، سعيد احمد جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو چيو ته گذريل 18 جون تي منهنجو نوجوان پٽ 12 ڪلاس جو شاگرد محمد بخش جتوئي گهران نڪري اوٺا چوڪ طرف ويو، جتان کيس نامعلوم ماڻهن اغوا ڪري ويا جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو، پٽ جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ اسان حد جي بقاپور ۽ شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پهتاسين پر پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائيندي ڪيس داخل نه ڪيو ان لاءِ اسان ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سان ملاقاتون به ڪيون پر ان جي باوجود پوليس پٽ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،. هن چيو ته پٽ جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سڀ گهر ڀاتي سخت پريشان ٿي ويا آهيون. چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پٽ  بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.