کوکراپار ۾ دڪان مان لکين رپين جي چوري

کوکراپار (ن ع آ) ملير سٽي ٿاڻي جي حد رمضان لاسي ڳوٺ کوکراپار ۾ ايوب اويس ميڊيڪل اسٽور مان رات دير ساندڪان جي کڙڪي ٽوڙھي  نامعلوم چور قيمتي دوائن سميت يوپي ايس سسٽم 2 بيٽريون اسٽيپ لائيزر فريز ڪمپريسر گيس سلينڊر سميت دڪان ۾ پيل روڪ رقم 6000 ھزار روپيا پڻ پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا انھي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اسٽور مالڪ نثار احمد ٻڌايو ته اسان کي صبح جو سوير اسٽور مان چوري جو اطلاع مليو جنهن تي اسان پنهنجي دڪان تي پھتاسين جتي دڪان جي کڙڪي ٽوڙي دڪان مان مٿي ڄاڻايل سامان چوري ڪيو ويو آهي ھن ٻڌايو ته واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آھي ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناھي دڪان مان ٿيل چوري واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻئي طرف ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته کوکراپار جي اڪثر علائقن ۾ نوجوان نسل منشيات جي واھپي ۽ جوا سبب تباھي ڪندي تي پھچي چڪو آھي نشي ۽ جوا جي پورائي لاء نوجوان چوري سميت ننڍا ننڍا ڏوھ ڪري ڏوھاري بڻجي رھيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.