چؤماسي جون برساتون.. حڪومت، بدانتظاميءَ سان رحمت کي”زحمت“ نه بڻائي

ايڊيٽوريل

رپورٽون آهن ته مينهن وسڻ سان ئي ملڪ اندر پاڻي جو گهوٽالو گهٽجڻ لڳو آهي. ارسا موجب تازين برساتن سبب ملڪ اندر پاڻي جو شارٽ فال 15 سيڪڙو کان گهٽجي 5 سيڪڙو وڃي رهيو آهي ايندڙ ڏهن ڏينهن اندر اها کوٽ به ختم ٿي ويندي. چوماسي جي هلندڙ مينهن سبب درياهن ۾ پاڻي جو چاڙهه 2 لک ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. تنهن ڪري چشما بيراج مان پاڻي جو نيڪال ڏهه هزار ڪيوسڪ وڌايو ويو آهي. ايئن چشما کان نيڪال هڪ لک 60 هزار کان وڌائي هڪ لک ستر هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. ارسا اها به خوشخبري ٻڌائي آهي ته ايندڙ اٺن کان ڏهن ڏينهن تائين سنڌ جي ندين ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي.

چؤماسي جي برساتي موسم جي اسان هميشه وانگر هن سال به اکيون وڇائي آجيان ڪيون ٿا. پاڻي ۾ ئي ته سڀني جو پساهه آهي. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ اندر جيئن ته ڪنهن به اداري جو خالص پيشيوراڻو نظام ناهي تنهن ڪري هتي هر ادارو تباهي جي ورچڙهيل آهي. ان جو سبب ناڪام حڪومتي نظام آهي. ملڪ اندر پاڻي جو نظام به تباهي جو شڪار آهي. باوجود ان جي ته پاڻي جي اهميت ۽ ضرورت کان اسين سڀئي واقف آهيون پر حڪومت پاڻ ئي ان سلسلي ۾ سنجيده ناهي جنهن تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو.

سياري ۾ اترين علائقن ۾ جيڪا برف پوندي آهي ۽ گرمي ۾ جڏهن اها ڳري پاڻي جي شڪل اختيار ڪندي آهي ته ان مان ڪيترو ۽ ڪيئن فائدو وٺجي تنهن حوالي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. ايئن ئي وري جڏهن چؤماسي جي موسم ۾ ججهي مقدار ۾ برساتون پونديون آهن ته ملڪ اندر پاڻي جو تمام وڏو ذخيرو ٿي ويندو آهي. پوءِ اهو پاڻي ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪري ويندو آهي. يعني پاڻي جي ”رحمت“ جنهن تي صرف ۽ صرف خوشي ۽ شادماني جو اظهار ڪري سگهجي ٿو سان رحمت، حڪومتن ۽ ادارن جي ناقص ڪارڪردگي سبب هميشه ” زحمت“ بڻجي ويندي آهي. جنهن جو حڪومت هوندي ۽ جديد دور جي سهولتن ۾ ڪو جواز نه هئڻ گهرجي. اهو واسطيدار حڪومتي ادارن جو ئي ڪم هوندو آهي ته اهي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي برف ۽ برساتن جي پاڻي مان وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ جو انتطام ڪن.

هن ملڪ جي ڪيترن ئي المين مان هڪ الميو اهو به رهيو آهي ته هتي جا وزير، وزارتون وٺي گم ٿي وڃن ٿا، سندن ڪارڪردگي ميدان تي نظر ناهي ايندي ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته جيئن ئي سياري جي موسم ختم ٿئي ته برف جي رجڻ ۽ وري چؤماسي جي برساتن کي ڏسندي مارچ کان ئي آبڪلائي ۽ آبپاشي جي نظام کي بهتر ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏجي. واهن جي کوٽائي شروع ڪري ڏجي. جيئن پاڻي گهڻي کان گهڻو جمع ڪري سگهجي پر اسان جي وفاقي حڪومت جي سئي صرف ۽ صرف ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين وڏن منصوبن  تي اٽڪيل هوندي آهي. جڏهن ته ملڪ جا ٽي صوبا ۽ ٽي اسيمبليون وڏن ڊيمن خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم کي جڏهن رد ڪري چڪيون آهن ته جمهوريت جي تقاضا اها آهي ته پاڻي مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ لاءِ ٻين آپشنز تي ڌيان ڏجي. پر افسوس ته حڪومتي ادارن ڪڏهن به ٻين پاسن تي ناهي  سوچيو، نتيجي ۾ ملڪ اندر پاڻيءَ جو مسئلو درست نموني ۾ حل نه ٿي سگهيو آهي.

باوجود ان جي ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت جو دارومدار پاڻي تي آهي ۽ پاڻي کانسواءِ ڏڪار جي خوفناڪ حقيقت هوندي آهي پر ان خوفناڪ حقيقت کان بچڻ لاءِ حڪومت کي پنهنجو نهري نظام بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اها ڪيڏي نه تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي ته حڪومتي بدانتظامي سبب اسان پاڻي جي رحمت کي پوءِ اها برف جي رجڻ جي صورت ۾ وهي ملي يا برساتن جي شڪل ۾ آسمان مان وسي اسان ته وڏي سرهائي مان انجي آجيان ڪريون ٿا پر افسوس ته حڪومتي ادارن جي نااهلي سبب برساتن ۽ ٻوڏن سبب  ويتر تباهي ڏسندا آهيون. رحمت کي زحمت بڻائيندڙ حڪومتي بدانتظاميءَ جي ڪري ماڻهو ويچار بيزار ٿي ويندا آهن.

برساتن  ۽ ٻوڏن سبب جيڪا تباهي ٿيندي آهي تنهن جو ڏوهه اسان ڪنهن ريت به برساتن ۽ ٻوڏن کي نه پر حڪومتي بدانتظامي کي ڏينداسين ۽ اها مٿن تنقيد ڪنداسين ته پاڻي جي استعمال ۽ ورڇ کي نج پيشيواراڻو بڻايو وڃي ۽ ان معاملي کي ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي انداز سان ڏٺو وڃي، ان تي ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪئي وڃي. عام طور تي ٻوڏن جي موسم ۾ جڏهن درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته اسانجا خود پاڻي جا ماهر پنهنجي جهالت ظاهر ڪندي چوندا آهن ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ ڪري پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪري ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته درياهن جو جياپو ئي ان ۾ آهي ته اهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن. جيڪڏهن اهي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندا ۽ انهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي ته اهي پنهنجو رستو ئي مٽائي ڇڏيندا.

سمنڊ کي پنهنجي مقرر حد ۾ رهڻ تي درياهه جو دٻاءُ ئي روڪيندو آهي ٻي صورت ۾ سمنڊ ۾ درياهه ڇوڙ نه ڪندو ته اهو اڳتي وڌي آباد زمينون به کاريون ڪري غير آباد ڪندو ويندو. سو درياهن جو به قانون هوندو آهي ۽ ان قانون تحت پاڻي کي وهائڻ جو جيڪڏهن انتظام نه ڪبو ته تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو. ايئن برساتي پاڻي جي نيڪال جو به هاڻي کان ئي بندوبست ڪيو  وڃي ته جيئن شهر برساتي پاڻي ۾ ٻوڏ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهن.تنهن ڪري پاڻي جي انتظام کي درست ڪيو، پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪيو ۽ رحمت کي پنهنجي بدانتظامي سان زحمت نه بنايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.