شفقت محمود شاگردن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ٽن مهينن تائين امتحان ملتوي ڪيا ويا ته جيئن شاگرد تياري ڪري سگهن، ايف اي، ايف ايس سي ۾ چئن بدران ٽي پرچا ورتا ويندا.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شفقت محمود چيو ته حڪومت سڀني صوبن سان گڏجي امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو، سڀني تعليم وارن وزيرن چيو ته امتحان ضروري آهن، نصاب کي 40 سيڪڙو گهٽ ڪيو ويو.

هن چيو امتحان نه وٺنداسين ته جيڪي ٻار پڙهي رهيا آهن اهي به تياري ڇڏي ڏيندا، افسوس ته اپوزيشن ٻارن جي مستقبل تي سياست ڪئي، سستي شهرت لاءِ مطالبو ڪيو ويو ته امتحان ملتوي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.