ٻارن کي زوري امتحانن ۾ ويهاريو ويو، جنهن سان سندن ڪيريئر خراب ٿيندو: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ٻارن کي زوري امتحانن ۾ ويهاريو ويو جنهن سان سندن ڪيريئر خراب ٿيندو، اسان 50 لک ٻارن جو نصاب مڪمل ٿيڻ تائين امتحان ملتوي ڪرڻ جو چيو هو، اسان ضمني امتحانن کي ساليانو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.

قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي احسن اقبال چيو ته اسان جو مقصد نصاب جو مڪمل ٿيڻ ۽ شاگردن کي فيل ٿيڻ کان بچائڻ هو، ڪنهن به اِهو ناهي چيو ته امتحان نه ورتا وڃن يا شاگردن امتحان نٿا ڏيڻ چاهن.

احسن اقبال چيو ته ڪورونا صورتحال ۾ ٻه سال اڳ ٻڌايو هو ته تعليم جي شعبي ۾ چيلينج هوندو، حڪومت ٻن سالن ۾ سليبس مڪلم ڪرائڻ جي سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي، سليبس مڪمل ڪرائڻ کان سواءِ امتحان شاگردن سان زيادتي ۽ ظلم آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اشرافيه جي هڪ نشاني اِها به آهي ته توهان زميني حقيقتن کان لاتعلق آهيون، مخالف ڌر امتحانن تي سياسين نه قومي ذميواري پئي پوري ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.