ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 14 سيڪڙو کان ٽپي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 14 سيڪڙو کان ٽپي وئي.

سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ 14 ڪلاڪن ۾ 5967 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 870 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ شهر ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 14.58 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.99 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ شرح 1.79 سيڪڙو رهي.

ترجمان ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ گڏيل طور تي وائرس جي مثبت اچڻ جي شرح 6.44 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي ۽ سڄي صوبي ۾ 8 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.