لاڙڪاڻي ۾ بدامني خلاف سياسي سماجي اڳواڻن جي ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ شهري اڳواڻن ۽ وڪيلن پاران ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهر جي سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبرريري کان مشعل بردار امن ريلي ڪڍي وئي،  جيڪا شهر جي اسٽيشن روڊ، رائل روڊ، پاڪستاني چوڪ سميت ٻين مُک روڊن جو گشت ڪندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هٿنن هٿن ۾ بئنر، پلي ڪارڊ ۽ ٻاريل مشعل کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي شهري اتحاد جي اڳواڻ مامو رمضان شيخ، قادربخش ڪمانگر، عاشق حسين ٻوسڻ، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل ابڙو، ايڊووڪيٽ خالد حسين ڀٽو، سليم الله چاڪي، شفقت حسين شيخ، چانڊيه اتحاد جي عبدالمالڪ چانڊيو، ضمير چانڊيو، سني تحريڪ جي ضلعي صدر شمس الدين سروهي، سماجي اڳواڻ پپن سومرو، ايڊووڪيٽ الهه بخش مشوري، ايڊووڪيٽ لالا علي بخش مشوري، عبدالاحد سرهيو، ايڊووڪيٽ ياسر عرفات ڀٽو، راشد شيخ ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر سميت ضلعي جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان امن امان جي خراب صورتحال سبب ڌاڙا، چوريون، ڦريون ۽ ٻيون وارداتون چوٽ چڙهيل آهن جن کي روڪڻ لاءِ ضلعي جي پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.