آريجن لڳ ڪتن 2 ٻارن کي ڏاڙهي وڌو

خير محمد آريجا  (ن ع آ ) خير محمد آريجا ۾ ٻن معصوم اسڪولي شاگردن کي رولو ڪتن ٻانھن ۽ ڄنگھن ۾ چڪ ھڻي ڏاڙھي وڌو مالڪن پاران ويڪسين ڪرائڻ لاء لاڙڪاڻو روانو تفصيل موجب خير محمد آريجا جي پڌر محلي جا رھواسي بلاول عباسي ولد ڪفايت علي عباسي عمر ست سال کيس رولو ڪتي ٻانھن ۾ چڪ ھڻي زخمي ڪري وڌو ۽ اقصي ڪنڀر ڌي غلام حسين عمر پنج سال پنھنجي گھٽي ۾ راند کيڏي رھي ھئي تہ رولو ڪتي  سندس ڄنگھن ۾ چڪ ھڻي زخمي ڪري وڌو سندس وارث ٻنھي ٻارن کي تعلقہ اسپتال آريجا ۾ ويڪسين ڪرائڻ لاءِ کڻي آيا جتي ويڪسين نہ ھجڻ ڪري ليٽر ڏئي لاڙڪاڻي ويڪسين ڪرائڻ لاء روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.