روس پاران ادارن کي پابندين جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري آمريڪي فيصلي جي مذمت

واشنگٽن (م ڊ)آمريڪا ۾ مقرر روس جي سفير انتونوف آمريڪا جي واپار واري وزارت پاران روس جي وڌيڪ صنعتي ۽ ڪاروباري ادارن کي پابندين جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،ميڊيا رپورٽن موجب روس جي سفير سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي پابندين جي وڪوڙ ۾ ايندڙ اڪثر مائيڪرو ۽ اليڪٽرونڪس ڪاروباري ادارا آحن، ان فيصلي جو مقصد روسي ڪاروباري ادارن تي پرڏيهي اعلي ٰ ٽيڪنالوجي حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ آهي،واضع رهي ته آمريڪي واپار واري وزارت 9 جولاءِ کان روس جي 6 ماڻهن ۽ ادارن کي پابندين جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي ۽ اهي پابنديون (اڄ) 12 جولاءِ کان شروع ٿينديون.03

پهريون لگزري سياحتي سامونڊي ٻيڙو جده پهچي ويو

جده ِ (م ڊ )سعودي عرب ۾ سياحن لاءِ پهريون لگزري ٻيڙو جده جي بندرگاه پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب گذريل سال سعودي عرب جي سياحت واري وزارتطرفان وزٽ سعوديه پروگرام متعارف ڪرايو ويو  جنهن ۾ سامونڊي سياحت لاءِ لگزري ڪروز پيڪيجز متعارف ڪرايا ويا،هلندڙ سال 30 جولاءِ کان احمر سمنڊ ۾ ڪروز ٽورز ٻيهر شروع ڪيون .

 ترڪي ۾ پناهگيرن جي بس کي حادثو، 12 فوت

انقره  (م ڊ ) ترڪي ۾ پناهگير کڻي ويندڙ هڪ مني بس کائي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾  12 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 20 زخمي ٿي پيا. واضح رهي ته ترڪي مان غيرقانوني پناهگيرن لاءِ هڪ اهم رستو آهي جتان کان پناهگير غير محفوظ ٻيڙين، مني بسن ۽ ٽرڪن ۾ غيرقانوني ور تي يونان پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

 شاهه محمود قريشي 3 ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو

اسلام آباد (م ڊ )پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي 3 ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ايس سي او پرڏيهي  وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.