حيدر آباد مان کنڀيل سجاد ڪانڌڙو آزاد

ڪراچي (رپورٽ: رزاق عاصي) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي پڪوڙا چوڪ تان 24 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪيل سائس جي آخري سال جي شاگرد سجاد ڪانڌڙو آزاد ٿي گهر پهچي ويو، سندس امڙ عائشه ڪاندڙو، ڀيڻ مارئي ڪاندڙو، ڀاءُ وقار ڪاندڙو، شاهد ڪاندڙو ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سجاد ڪاندڙي کي 24 ڏينهن اڳ  حيدرآباد مان کنڀيو ويو جنهن کي گهوٽڪي ۾ گذريل ڏينهن اسر ويل ڇڏيو ويو، هنن چيو ته اسين سجاد جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ وائيس فار مسنگ پرسنز سنڌ، سنڌ سڀا، سنڌ سڄاڳي فورم سميت وڪيلن، اديبن، دانشورن توڙي سموري قوم جا ٿورائتا آهيون، جن سجاد جي آزادي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ، مارئي ڪاندڙو وڌيڪ چيو ته خاص طور تي قومي دانشور تاج جويو ۽ سندس ڪٽنب جيڪو ساٿ ڏنو اهو وسارڻ جهڙو ناهي. هنن چيو ته اسين پنهنجي بابا ايوب ڪاندڙي جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. ٻئي پاسي سندس وارثن موجب سجاد کي آزادي بعد مبارڪون ڏيندڙن جو وڏو انگ سندس ڳوٺ پهتو، جڏهن ته سجاد ڪاندڙي کي گلن جا هارا پارائي آجيان ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.