ڪورونا ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جا سخت قدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي خطرن سبب ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ خاص قدمن جي شروعات ڪئي وئي آهي.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙين، وائرس جي مختلف قسمن جي موجودگي ۽ عيد الاضحيٰ کي نظر ۾ رکندي ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جا خطرا به موجود آهن، انهن خطرن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورن هاءِ رسڪ سيڪٽرن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ سمورن صوبن کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي لاءِ تفصيلي هدايتون به جاري ڪيون آهن، ان ڏس ۾ ماسڪ جو استعمال، سماجي وٿي ۽ ٻين حفاظتي قدمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

هدايتن موجب چوپائي مال جي پڙين ۽ عيد جي حوالي سان ايس او پيز تي عمل لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

اين سي او سي وڌيڪ چيو آهي ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخواهه ويندڙ سياحن جي هوٽل بڪنگ لاءِ به ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي، انهن جاين جي لنگهه وارن رستن ۽ هوٽلن ۾ داخل ٿيڻ تي ويڪسين سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ طريقيڪار به جوڙيو ويو آهي.

ان کانسواءِ ريسٽورنٽ، جمنازيم، سئنيمائن ۽ شادي هالن ۾ انتظاميا ۽ ايندڙ ماڻهن لاءِ به ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ ان جي تصديق جي لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

اين سي او سي بس اڏن، ريلوي اسٽيشنن، شهر ۾ ۽ شهر کان ٻاهر هلندڙ ٽرانسپورٽ، مسجدن ۽ بازارن جي لاءِ به اڳواٽ جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي انتظاميا لاءِ تفصيلي چيڪ لسٽون جاري ڪيون ويون آهن، ڀڃڪڙي ڪندڙ فردن توڙي ادارن خلاف سخت ڪارروائيون عمل ۾ آنديون وينديون، جڏهن ته جاري ڪيل هدايتن ۾ معائني جو تفصيلي طريقيڪار به ٻڌايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.