گوگل ميٽ ۾ نون فيچرز جي واڌ

گوگل ڪانفرنسنگ سروس ميٽ واهپيدارن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي نوان فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

گوگل ميٽ ۾ آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن جي لاءِ نوان ايفيڪٽس، اي آر ماسڪس ۽ ويڊيو فلٽرز جي واڌ ڪئي وئي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ گوگل ٻڌايو ته هاڻ واهپيدار ويڊيو ڪال فيڊ تي هيٺ موجود اسپارڪل آئيڪن جي مدد سا انهن فيچرز جو استعمال ڪري سگهندا.

ڄاڻايل فيچرز مان رڳو اُهي واهپيدار فائدو وٺي سگهن ٿا جن جو ذاتي گوگل اڪائونٽ هوندو، ورڪس اسپيس استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي اِهي فيچرز محدود انگ ۾ ملندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.