”شهباز شريف ايف آءِ اي کي ڪنهن سوال جو جواب لاءِ تيار ناهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف ايف اي آءِ جي جاچ ٽيم کي ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف تي الزام آهي ته هن 25 ارب رپيا جلعسازي سان پاڪستان کان ٻاهر موڪليا، هي اُها رقم آهي جنهن جي خبر پئي، اصل رقم ان کان گهڻي آهي.

فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم کي ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هو چوي ٿو ته ٻارن کي خبر هوندي ۽ هنن پنهنجا مفرور ڪرائي ڇڏيا، هنن جو جيل کان ٻاهر هجڻ مذاق نه ته ٻيو ڇا آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.