لاهور جي گهر مان ماڊل ناياب جو لاش هٿ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊيفنس بي جي گهر مان ماڊل ناياب جو لاش هٿ ٿيو آهي.

 پوليس موجب ڊيفنس جي علائقي فيز فائيو ۾ گهر مان ماڊل ناياب جو لاش هٿ ٿيو آهي، 29 سالن جي ماڊل کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، مقتولا غير شادي شده هئي.

پوليس جو ٻڌائڻ آهي ته اڻ ڄاتل جوابدارن ناياب تشدد کي نشانو به بڻايو، مقتولا ناياب جي ماٽيلي جي مدعيت ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مدعي محمد علي موجب هو ڀيڻ جي گهر ويو ته هن جو لاش زمين تي پيل هو، ماڊل ناياب گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي ۽ هن جي گهر جي باٿ روم جي ڄاري به ٽٽل هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.