”پاڪستان ۾ رڳو پي ٽي آءِ ۽ پاڪ فوج ئي قومي آهن“

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو پي ٽي آءِ ۽ پاڪ فوج قومي آهن.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ پي ٽي آءِ وفاق، پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ اقتدار ۾ آهي، هاڻ جلد ئي آزاد ڪشمير ۾ به تحريڪ انصاف جي حڪومت هوندي، ملڪ ۾ رڳو ٻه ئي شيون قومي آهن، هڪ تحريڪ انصاف قومي جماعت آهي ۽ ٻي پاڪ فوج قومي آهي، سموريون مخالف ڌر پارٽيون ۽ قوم فوج سان گڏ آهي، قوم ملڪ جي سلامتي لاءِ فوج ۽ عمران خان جي پٺيان بيٺي آهي.

وفاقي وزير چيو ته جيستائين افغانستان ۾ امن نه ٿيندو، خطي ۾ واپار ممڪن ناهي، جيڪڏهن چين ايران ۾ 400 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اِهو ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين افغانستان ۾ امن نه هجي، هن خطي جي سياست تبديل ٿيندي پئي وڃي، افغاني جيڪو به فيصلو ڪندا اسان کي قبول هوندو، افغانستان ۾ نوان طالبان جنم پيا وٺن ۽ هي اُهي طالبان ناهن جيڪي بندوق سان فيصلا ڪندا هئا.

ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ وزير اعظم تي ڪيل تنقيد جي سوال تي شيخ رشيد احمد چيو ته مريم ۽ بلاول جون پارٽيون آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن هارائڻ پيون وڃن، جنهن جي ڪري هو ڌانڌلي جو هنگامو ڪري رهيو آهي، مريم ۽ بلاول ڀٽو زرداري بي هوده زبان استعمال ڪري رهيو آهي، مريم نواز غير ذميواراڻي ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، هن کي پنهنجي لهجي تي غور ڪرڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري جي تازي آمريڪي دوري تي شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو جي سي وي ۾ ڪجهه به ناهي، پاڪستان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سي وي مون وٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.