لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ سوگهو، پوليس حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي موٽرسائيڪل چوري دوران چور سوگهو، گهر ڌڻين جو چور کي ڪٽڪو ڏيندي بعد ۾ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس  طرفان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سبزي منڊي واري علائقي ۾ چور طرفان شهري اياز ڀٽو جي گهر ٻاهريان بيٺل موٽرسائيڪل جا تالا ٽوڙي موٽرسائيڪل چوري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اهڙي سڌ پوڻ تي گهر ڌڻين فوري طور چور جو پيڇو ڪري پاڙي ۾ ئي چور کي سوگهو ڪيو . جنهن جي سڃاڻپ عاقل روڊ واسي رشيد ميراڻي طور ٿي ان تي کيس موٽرسائيڪل مالڪ ۽ ٻين مارڪٽ ڪري موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ بعد پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي موٽرسائيڪل چور کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته عاقل روڊ واسي نوجوان رشيد ميراڻي سبزي منڊي ۾ شهري اياز ڀٽو جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري رهيو هو ته بروقت سي سي ٽي وي ۾ ڏسندي گهر ڌڻي چور کي سوگهو ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ پوليس پهچي چور کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو کانئنس وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.