ٺٽي ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 8 ڄڻا زخمي

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ۽ آسپاس ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 8  ڄڻا زخمي، سمورا زخمي سول اسپتال مڪلي ۾ علاج لاءِ داخل. مڪلي ويجھو ٻاپڙا موري وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فياض ملاح، انيل جوکيو سميت ھڪ عورت سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جن مان عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي بڌائي پئي وڃي. جڏھن ته درگاهه ستيون لڳ ڳوٺ ماستر محمد حسن ملاح جو رھواسي پورھيت جمعون ملاح گاھ وارين گاڏين جي مزدوري دوران گاھ سان ڀريل ٽرڪ مٿان گاھ سميت زمين تي ڪري سخت زخمي ٿي پيو آھي، جنھن کي پڻ سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف ٺٽو باءِ پاس تي بوھ سان ڀريل ٽرڪ ربڙي جي 3 پڙين جي مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ربڙي وڪرو ڪندڙ ٺٽي شھر جا رھواسي 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ غلام مصطفيٰ گندرو سندس ٻہ پٽ مرتضيٰ گندرو، مشتاق گندرو ۽ ستار ولد نور محمد گندرو سخت زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، جتي سندن علاج جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.