دادو ۾اي ايس آءِ تي تشدد جو نوٽيس، ڪيس داخل

دادو (ڊ ر) گذريل ڏينهن دادو ڀرسان اميناڻي ٿاڻي جي حد ۾ 5 ٻڪريون چوري ٿيڻ واري معاملي تي ڀاڳيا ۽ پوليس پاران  کوجي ڪتن ذريعي پيرو کڻي ڳوٺ الياس کوکر ۾ صفر کوکر جي گهر ۾ پيرا هنيا ته گهر ڀاتين ۽ ڳوٺاڻن عورتن مردن کوجي ڪتي، ڀاڳين ۽ پوليس تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو هو جهيڙي دوران اي ايس آءِ اصغر شيخ کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو جنهن جو ايس ايس پي دادو پاران نوٽيس ورتو ويو ايس ايس پي دادو جي نوٽيس بعد اميناڻي پوليس جوابدار ڄاڻايل 3 سڃاتل سميت 5 ڄڻن تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، پوليس ذريعن موجب اميناڻي پوليس 4 جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي، گذريل ڏينهن ڳوٺ چانگيا پنهور مان 5 ٻڪريون چوريون ٿيڻ بعد کوجي ڪتن ذريعي پيرو کڻي ويندڙ ڀاڳين ۽ پوليس تي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ اي ايس آءِ اصغر شيخ مٿان تشدد ۽ يرغمال بڻايو ويو هو، ايس ايس آءِ تي تشدد ۽ يرغمال بعد پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي، اي ايس آءِ کي  بازياب ڪرايو هو، اميناڻي پوليس نديم پٽ صفر، شاهن پٽ بچل، عاقب پٽ سونو کوکر مٿان چوري ۽ ڊيوٽي اٽڪا، پوليس تي تشدد جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.