ڳڙهي ياسين ڀرسان ڪارروائي، 15 شڪي گرفتار

ڳڙھي ياسين (رپورٽ:  رحيم بخش  سومرو ) ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين تنيو جي حڪم تي ڳڙھي ياسين  پوليس جو ڏوهارين خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري ،ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ ۽  ايس ايچ او ڳڙهي ياسين رفيق احمد سومرو ۽ ايس ايچ او ڪرن شريف جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي  پولیس جو ڳڙهي ياسين شهر ۽ ڳوٺ کَنڊُ مارفاڻي تي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي 15 کان وڌيڪ ماڻھون شڪ جي بنياد تي گرفتار ان ڏس ۾ ايس ايچ او رفيق سومرو ٻڌايو ته ايس ايس پي شڪارپور جي هدايت تي شھر سميت ڳوٺ کنڊ مارفاڻي تي  ڪاروائي ڪري 15 کان وڌيڪ  شڪي گرفتار ڪيا آهن جن جو رڪارڊ چيڪ ڪيون پيا جيڪو به بيگناهه هوندو انهن کي آزاد ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.